اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي واري وزارت ۾ ريل ڪوپ RAILCOP)) جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي جاري منصوبن، مالي معاملن ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير، اداري کي سختي سان هدايت ڪئي ته سموريون مالي رهتون فوري طور تي ڪليئر ڪيون وڃن. اهم جاري منصوبن ۾ گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪي جا تعميراتي ڪم شامل آهن. محمد حنيف عباسي، ريل ڪوپ جي سي اي او کي خاص طور تي هدايت ڪئي ته انهن سمورن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي. معياري پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪم جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي.