اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) حيدرآباد سکر موٽر وي (M-6) جي لاڳت 395 ارب روپين کان گهٽائي 364 ارب ڪئي وئي آهي. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي ته 18 جون تي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس دوران حيدرآباد سکر موٽر وي (ايم 6) منصوبي جي لاڳت بابت هڪ غلطي ٿي جنهن کي بعد ۾ درست ڪيو ويو آهي. شروعاتي طور بيان ۾ منصوبي جي لاڳت 395 ارب روپيا ظاهر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اصل ترميم ٿيل لاڳت جيڪا ايگزيڪيٽو ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کي سفارش ڪئي وئي آهي، 364 ارب روپيا آهي. اجلاس دوران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي منصوبي جي لاڳت 395 ارب روپيا پيش ڪئي هئي جڏهن ته منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ان لاڳت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ سي ڊي ڊبليو پي منصوبي کي 364 ارب روپين جي لاڳت تي منظور ڪيو جيڪو سي ايس آر ريٽس جي بنياد تي آهي ۽ ٽن حصن لاءِ فنانسنگ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي. اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ترميم ٿيل لاڳت موجب ضروري ترميم ڪري ۽ منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري.