اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي فرانس جي خلاف سيمي فائنل ۾ فتح تي قومي هاڪي ٽيم کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ايف آءِ ايچ نيشنز ڪپ ڪولالمپور جي سيمي فائنل ۾ فرانس جي خلاف شاندار فتح حاصل ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي فرانس جي خلاف هاڪي سيمي فائنل ۾ شاندار فتح تي قومي هاڪيءَ ٽيم کي دلي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته رانديگرن جي اعليٰ ڪارڪردگي، جذبي ۽ ٽيم ورڪ کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي ٽيم عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ڪيو. صدر چيو ته اها فتح قوم جي لاءِ فخر ۽ خوشي جو سبب آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هاڪي ٽيم جي صلاحيت، عزم ۽ محنت ساراهه جوڳي آهي، مون کي يقين آهي ته ٽيم فائنل ۾ به انهي جذبي سان ڪاميابي حاصل ڪندي.