اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ خان آفريدي سعودي عدليه سان ويجهي اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي علائقائي استحڪام، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قانوني قدرن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ڪالهه سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس سفير جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي معززن انصاف جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي جي ويزن 2030ع جي فريم ورڪ تحت عدالتي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڀريو ويو جنهن ۾ ملڪ جي عدالتي نظام جي جديد ڪاري ۽ سڌارا شامل آهن. ان ڳالهه جو ذر ڪيو ويو ته پاڪستان سعودي عرب کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هڪٻئي جي عدالتي نظام ۽ تجربن مان سکڻ جي موقعن جو قدر ڪري ٿو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مٽاسٽا جي پروگرامن ذريعي بامعنيٰ تعاون ۽ جڊيشل اڪيڊمين وچ ۾ حصيداري، صلاحيتن جي تعمير کي نمايان طور واڌئي سگهي ٿي گڏيل طور سکڻ کي هٿي ڏئي سگهي ٿي. جڊيشل آفيسرن، قانوني پيشيور ماڻهن کي جديد ۽ قانوني نقطه نظر سان تيار ڪرڻ لاءِ گڏيل تربيتي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن بحث ۾ عدالتي عمل جي جديد ڪاري، خصوصي واپاري ۽ مزدور عدالتن جو قيام، اسلامي فقه ۾ گڏيل تحقيق ۽ بين المذاهب ڳالهين تي ڌيان ڏيندڙ قانوني معاملن جهڙن شعبن جو جائزو ورتو ويو، موضوعاتي قانوني شعبن، علائقائي عدالتي مشغوليت ۽ علائقائي عدالتي ڪانفرنس جي ميزباني تي فقهي ڳالهين جو امڪان به نمايان آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معزز چيف جسٽس خاص ڪري سعودي عدليه سان ويجهي اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ علائقائي استحڪام، انصاف، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قانوني قدرن جي اهميت تي زور ڀريو.