اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) ايران ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي کڻي پي آءِ اي جي ٻي خصوصي اڏام آذربائيجان جي شهر باڪو کان لاهور پهچي وئي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالحفيظ طرفان ڪالهه جاري بيان موجب پي آءِ اي جي خصوصي اڏام پي ڪي 7160 ذريعي ايران ۾ ڦاٿل 121 مسافر ڪالهه منجهند 3 لڳي 40 منٽن تي حفاظت سان وطن پهچي ويا. ايراني فضائي حدن جي بندش سبب ايران ۾ موجود پاڪستاني شهري زميني رستي آذربائيجان جي شهر باڪو پهتا. ان سموري عمل ۾ ايران ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفارتخانن اهم ڪردار ادا ڪيو. قومي ايئر لائين جي اها خصوصي اڏام پاڪستان حڪومت جي هدايت تي رواني ٿي هئي، ترجمان چيو ته پي آءِ اي ان مشڪل گهڙي ۾ به قومي مفادن کي مٿانهون رکي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون جيڪا سندس پراڻي روايت آهي.