لاهور-20 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ جو سيمي فائنل کٽڻ تي پاڪستاني هاڪي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پاڪستاني رانديگرن ٽيم ورڪ ذريعي فرانس کي هارائي فائنل لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي. هاڪي پليئرز جي شاندار ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. رانديگرن سان گڏ مينيجمينٽ کي به مبارڪون ڏيان ٿو. ميدان ۾ سڀني رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. پاڪستان لاءِ راند سان گڏ هر ميدان ۾ خوشخبريون اچي رهيون آهن، اميد آهي ته پاڪستاني هاڪي ٽيم فائنل ۾ به فتح حاصل ڪندي ۽ ٽورنامينٽ کٽي وطن واپس ايندي.