اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) پي سي آءِ جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين چيو آهي ته چين جو پرامن عروج ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا سميت اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ طاقت جو سرچشمو آهي، اقتصادي ۽ سياسي طاقت جو عالمي توازن اولهه کان اوڀر طرف منتقل ٿي رهيو آهي، جيڪو ايشيائي صدي جي شروعات آهي. هن ان ڳالهه جو اظهار پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ (پي سي آءِ) جي انتظام هيٺ فرينڊز آف سلڪ روڊ تحت رٿيل پاڪستان – چين ڊائيلاگ سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ناليوارن سياسي اڳواڻن، سفارتڪارن، پارليامينٽ جي ميمبرن، شاگردن ۽ عالمن شرڪت ڪئي. هن ڊائيلاگ جو موضوع پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گڏيل تفهيم کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڙيسري ملڪن جي گڏيل مستقبل تي ٻڌل ڪميونٽي جوڙڻ هو. ان موقعي تي مقررن آئرن برادرز جي پائيدار حصيداري کي ساراهيو ، گڏيل قومن جي چارٽر تي ٻڌل گهڻ قطبي نظام جي حمايت ڪئي ۽ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو کي امن، خوشحالي ۽ علائقائي رابطن لاءِ هڪ اهم محرڪ قرار ڏنو. هي ڊائيلاگ پاڪستان – چائنا انسٽيٽيوٽ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ (آءِ ڊي سي پي سي) جي سهڪار سان منعقد ٿيو. جنهن ۾ آءِ ڊي سي پي سي جو پنج رڪني اعليٰ سطحي وفد (جنهن جي اڳواڻ آءِ ڊي سي پي سي جي ترجمان ۽ چيف آف انفارميشن سفير هوز امنگ ڪئي،) خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان ڊائيلاگ ۾ مُک خطاب ڪندي پي سي آءِ جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته اقتصادي ۽ سياسي طاقت جو عالمي توازن اولهه کان اوڀر طرف منتقل ٿي رهيو آهي جيڪو ايشيائي صدي جي شروعات آهي، هن چين جي پرامن عروج کي اسرندڙ ملڪن ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا لاءِ هڪ طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ۽ پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري، خاص طور تي گذريل مهيني ڀارتي اڳرائي دوران حمايت تي چين جو ٿورو مڃيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ٽئلينٽ ۽ چيني ٽيڪنالاجي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ فتح نه ٿيڻ جوڳي ڀت بڻيل آهي، ايران جي سرزمين تي هاڻوڪي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي سينيٽر مشاهد حسين سيد انهن حملن کي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ نئين سرد جنگ يا چين جي خطرن جهڙن بيانن کي رد ڪيو. هن زور ڀريندي چيو ته سيڪيورٽي جو تحفظ تعاون ذريعي ٿيندو آهي نه وري فوجي اتحادن يا ملڪن کي بدنام ڪندڙ غلط معلومات سان. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي ترجمان سفير هوزامنگ پاڪستان کي چيني عوام جي دلين ۾ گهري جڳهه رکندڙ ملڪ قرار ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن،هڪ کانسواءِ ٻي جو تصور ممڪن ناهي. هن 2013ع ۾ بي آر آءِ جي ارتقا کي اجاگر ڪندي چيو ته اڄ 150 کان وڌيڪ ملڪ ان منصوبي ۾ شامل آهن جيڪي نه رڳو چين جي اندرين علائقن جي ترقي کي هٿي ڏين ٿا پر عالمي رابطن کي به مضبوط ڪن ٿا. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي دوستي جي هن ڏيئي کي روشن رکن. ان موقعي تي پي سي آءِ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ۽ ڊائيلاگ جي منتظم مصطفيٰ حيدر سيد پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي سلڪ روڊ دوستي جو ذڪر ڪندي چيو ته هي تعلق ڪڏهن به ڏي وٺ يا وقتي مفادن تي ٻڌل نه رهيو پر هي گڏيل تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ پوري خطي جي بهتري جي عزم تي ٻڌل آهي. هن ان ڊائيلاگ کي پي سي آءِ جي وسيع تر ڪوشش جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد ايشيا ۽ گلوبل سان آوازن کي خصوصي طور بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ اجاگر ڪرڻ آهي. هن سرد جنگ جي وڌندڙ بياني تي تنقيد ڪندي آمريڪا جي ڪانگريس جي نئين قائم ڪيل ڪائونٽرنگ پي آر سي انفلوونس فنڊ کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪو 2023ع کان 2027ع تائين هر سال 325 ملين ڊالر رکي ٿو ته جيئن سڄي دنيا ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽عوامي جمهوريه چين جي حڪومت جي اثر رسوخ جو مقابلو ڪري سگهجي. مصطفيٰ حيدر سيد ان قدم کي سرد جنگ جي دور جي واپسي قرار ڏنو جيڪو ترقي ۽ ڳالهين جي وسيلن کي گهٽ ڪري ٿو ۽ هي بلڪل ان شيءَ سان ٽڪراءُ ۾ آهي جنهن جي هن وقت اسان جي خطي کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پاڪستاني حڪومت جي نمائندگي ڪندي ماحولياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شذره منصب علي کرل چيو ته موجوده عالمي نظام واضح طور وکري رهيو آهي، جڏهن ته چين مسلسل گهڻ قطبي، عدم مداخلت ۽ رياستن وچ ۾ برابري جي حمايت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بي آر آءِ ان ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو اهڙين گڏيل مضبوط معيشتن جو نيٽ ورڪ بڻائي ٿو جيڪو ٽڪراءُ بدران ڳالهين جي چونڊ ڪري ٿو. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفير اعزاز چوڌري به تعاون تي ٻڌل نظامن جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن کي هن اهڙو وقت قرار ڏنو جڏهن جنگيون ڀڙڪن ٿيون ۽ اصول پائمال ٿين ٿا، هن چيو ته صدر شي جن پنگ جو ون – ون تعاون ۽ گڏيل احترام جو فسلفو هڪ اهڙي عالمي نظام جو بنياد رکي ٿو جيڪو بحرانن کانپوءِ اڀرندو. قانوني نقطه نظر سان قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته سي پيڪ جي ڪاميابي لاءِ سيڪيورٽي ۽ استحڪام پهريان شرط آهن، هن صاف پاور، رستن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، جهڙوڪ علائقائي ٻولين ۾ ميڊيا جي توسيع خاص طور تي بلوچي ٻولي ۾ نشريات ته جيئن عوامي رابطن کي مستحڪم ڪري سگهجي. عقيل ملڪ افغانستان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته هي گڏيل مستقبل جي ويزن جي هڪ فطري توسيع آهي.هن تقريب ۾ سڀني صوبن سان تعلق رکندڙ شاگردن، اسڪالرز، مختلف يونيورسٽين، ميڊيا، ٿينڪ ٽينڪس ۽ سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جا نمائندا به شريڪ ٿيا. جڏهن ته ان دوران پاڪستان چين جي سافٽ پاور کي گڏيل طور هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس تجويزون بحث هيٺ آيون، ان حوالي سان چين ۾ آئنده ٿيندڙ تقريبن ۽ ڪانفرنسن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.