اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير عمران احمد شاهه سان بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد اهم ملاقات ڪئي. هن ملاقات ۾ بي آءِ ايس پي جي مختلف پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جنهن ۾ بينظير سارسنڀال پروگرام، بينظير تعليمي وظيفا ۽ بينظير ڪفالت پروگرام شامل آهن. ڳالهين جو مرڪز انهن پروگرامن مان لاڀ ۽ رسائي ۾ بهتري آڻڻ هو، خصوصي طور بينظير هنرمند پروگرام تي تفصيلي غور ويچار ٿيو، جيڪو نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري پاڻڀرو بڻائڻ جو هدف رکي ٿو. وفاقي وزير ان پروگرام جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته بينظير هنرمند پروگرام اسان جي نوجوانن جو مستقبل آهي، هنر جي تعليم ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ غربت جي خاتمي طرف هڪ اهم قدم آهي. وفاقي وزير بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ سيڪريٽري عامر علي جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بي آءِ ايس پي جي مضبوط قيادت ئي ان پروگرام جي ڪاميابي ۽ ساک جو بنياد آهي. ملاقات جي پڄاڻي ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي اثرن کي سڄي ملڪ ۾ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.