اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سنگين بحران جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان موجوده صورتحال ۾ امن جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، وچ اوڀر جي صورتحال نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا کي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عملي قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم محمد شهباز شريف کي جمعي ڏينهن شام ٽيليفون ڪئي. پنهنجي گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن صدر ٽرمپ جي جرئتمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ سيڪريٽري مارڪو روبيو جي فعال سفارتڪاري کي ساراهيو جنهن پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگبندي مفاهمت تائين پهچڻ ۽ ائٽمي هٿيارن سان ليس رياستن جي وچ ۾ هڪ وڏي تباهي کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ جا پاڪستان بابت مثبت بيان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ حوصلي جوڳا آهن جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي شروعات سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ هن ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ طاس معاهدي، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت سمورن حل طلب مسئلن تي ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال خاص طور تي ايران اسرائيل بحران تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ان سنگين بحران جو پرامن حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موجوده صورتحال ۾ امن جي لاءِ ڪنهن به ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جيڪو نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. واپار تي صدر ٽرمپ جي ڌيان جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي سميت وسيع شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت وزيراعظم پوري ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت خاص طور تي بي ايل اي، ٽي ٽي پي ۽ ٻين عسڪريت پسند گروپن جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان سيڪريٽري مارڪو روبيو پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي اهڙن سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم هن هفتي جي شروع ۾ واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي وچ ۾ انتهائي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي هاڻي سمورن شعبن ۾ ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ان مثبت رفتار کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ لاڳيتو اعليٰ سطح جي رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان هن صدر ٽرمپ کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته هو به صدر ٽرمپ سان جلد کان جلد ملاقات جو منتظر آهي. وزيراعظم سيڪريٽري مارڪو روبيو جي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاران ٽيليفون ڪال موصول ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي سيڪريٽري مارڪو روبيو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ڀارت سان جنگبندي مفاهمت کي برقرار رکڻ جي عزم سان گڏوگڏ خطي ۾ امن جي لاءِ ان جي مسلسل ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان ڏس ۾ هن ايران سان بهترين لاڳاپا رکڻ تي پاڪستان جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو ايران سان جاري امن ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي. هن چيو ته آمريڪا علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.