اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ريلوي بابت جاري جاچ جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ريل حادثن، ريل ڪاپ بي ضابطگين ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جون 2025ع دوران سکر، ملتان ۽ پشاور ۾ حادثن جو جائزو ورتو ويو، هاڻوڪي ريل جي پٽڙين تان لهڻ جي وڌندڙ واقعن جو مختلف رخن تان جائزو ورتو ويو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته سفارشن ۽ آئنده جو لائحه عمل تيار ڪري مجاز اختيارين کي جمع ڪرايو وڃي، ان کانسواءِ عوام ايڪسپريس جي ڪراچي کان روانگي ۾ دير تي به رپورٽ طلب ڪئي وئي. ريلوي واري وزير چيو ته خانيوال ۾ فٽ اوور برج جي واقعي جي رپورٽ جلد جمع ڪرائي وڃي، شاهين آباد ڪوارري جي بند ٿيڻ جي معاملي جي ذميواري جو تعين ڪيو وڃي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ريل ڪاپ ۾ بي ضابطگين تي فيڪٽ فائنڊنگ جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن جي اڳواڻي آءِ جي پي آر پي ڪري رهيو آهي. بي ضابطگين ۾ ملوث آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي ذريعي ريل ڪاپ ڪيس جي جاچ جي تجويز پڻ ڏني وئي. وفاقي وزير بدعنوانين تي زيرو ٽالرنس جي عزم کي ورجايو، اجلاس ۾ ٻين مالي ۽ انتظامي ڍانچي بابت معاملا به غور هيٺ آيا. ريلوي واري وزير ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ عملي خلاف سخت قدم کڻڻ جو اشارو پڻ ڏنو، هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي تي انعام ۽ ساراهيندڙ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.