اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ٽيرف سڌارن ذريعي ڪسٽم ۽ ريگوليٽري ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪري صنعتن کي سستو ڪچو مال فراهم ڪرڻ بجيٽ 26-2025ع جو بنيادي مقصد آهي، ان سان روانگي واپار جي صنعت کي هٿي ملندي ۽ ملڪ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي صورتحال بهتر ٿيندي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ 26-2025ع تي بحث ۾ حصو وٺندي مملڪتي وزير چيو ته پهريون ڀيرو ٻنهي ايوانن جي فنانس ڪميٽين ۾ بجيٽ بحث هيٺ آهي، ناڻي وارو وفاقي وزير ۽ اسان سڀ صبح ۽ منجهند وزيراعظم جي هدايت تي شرڪت ڪريون ٿا. اسان ٻنهي ايوانن جي فنانس ڪميٽين جو ٿورو مڃون ٿا، هنن وڏي تعميري ماحول ۾ اهو پورو هفتو بجيٽ جي حوالي سان اسان جي رهنمائي ڪئي.اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون وينديون جتي به بجيٽ ۾ بهتري جي گنجائش هئي اسان ڪميٽين جي سفارش تي ان ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته پهرين صرف سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ بجيٽ تي بحث ٿيندو هو پر هن ڀيري قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آهي. گذريل سال جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ناڻي واڌ جي شرح ڊبل ڊجٽ هئي ۽ چيو پئي ويو ته حڪومت ڪنڊن جي سيج آهي، معيشت ڪنهن کان به سنڀالي نه ويندي، اسان معاشي چئلينجن ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي حڪومت ٺاهي، اسان اتحادين جا به ٿورائتا آهيون جن اسان سان تعاون ڪيو ۽ اسان معيشت کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ به آهيون، مهانگائي جي شرح جيڪا 21 سيڪڙو هئي هاڻي 0.4 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان 11 سيڪڙو تائين آيو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخير بهتر ٿيا، هن چيو ته مالياتي خسارو ۽ بنيادي هدف حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي دوران ئي آءِ ايم ايف جو بورڊ جڏهن هتي آيو ته اسان جي معاشي ڪارڪردگي ۽ آمدني تي نظر رکندي آءِ ايم ايف پروگرام منظور ڪيو، سمورين معاشي رڪاوٽن باوجود بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 716 ارب روپيا ڪيو ويو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي معاشي سڌارن جو سفر جاري رکون ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکون. پائيدار معاشي استحڪام ان وقت ايندو جڏهن اسان پنهنجي ايڪسپورٽس وڌائينداسين، وزيراعظم بار بار اهو چئي چڪو آهي ته هي آءِ ايم ايف جو پروگرام اسان جو آخري پروگرام هوندو، اهو ان صورت ۾ ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي ايڪسپورٽس وڌائينداسين ۽ معاشي هدف ۽ گروٿ حاصل ڪنداسين، بجيٽ جو بنيادي نقطو ٽيرف سڌارا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ريگوليٽري ڊيوٽي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ختم ٿيندي، ان سان اسان جي صنعتن کي سستو ڪچو مال دستياب ٿيندو ۽ اسان جي ايڪسپورٽس ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته چادر ڏسي پير ڊگها ڪندي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو وڌا ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، 6 لک کان 12 لک تائين ساليانو ڪمائيدڙ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس پنج سيڪڙو کان گهٽ ڪري اڍائي سيڪڙو ڪيو ويو آهي.پگهارن جي سموري سليبز تي رليف ڏنو ويو آهي، نجڪاري جي معاملي تي به عوام کي آگاهه ڪندا رهنداسين، هن چيو ته سيل ٽيڪس جي معاملن ۾ ايف بي آر کي اڳ ئي گرفتاري جو اختيار حاصل هو، هاڻي فنانس بل ۾ اسان ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيڪس صارف کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪيو آهي، پهرين اسسٽنٽ ڪمشنر انڪوائري ڪندو ۽ گرفتاري کان پهرين هو ڪمشنر کان اجازت وٺندو، وزيراعظم جي هدايت تي اسان شهرين کي اهو تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انڪوائري جي سطح تي گرفتاري نه ٿيندي، ايف بي آر جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي منظوري سان گرفتاري جو فيصلو ٿيندو، 5 ڪروڙ روپين تائين ٽيڪس فراڊ تي گرفتاري نه ٿيندي.