قاهره-20 جون (اي پي پي) مصر ۾ پاڪستان جي سفير عامر شوڪت نجيب محفوظ اسٽوڊيو جو دوور ڪيو جتي مصري ليکڪ ۽ نيشنل ميڊيا اٿارٽي جي سربراهه احمد المسلماني سندس استقبال ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين طرفان تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب ملاقات دوران نيشنل ميڊيا اٿارٽي جي سربراهه سفير کي ڪجهه مصري ڊرامن جو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جي حوالي سان اٿارٽي جي ويزن کان آگاهه ڪيو جيڪو پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولين مان هڪ آهي. پاڪستاني سفير ان جي جواب ۾ پاڪستاني قومي ٽيليويزن تي اردو ۾ ڊب ڪيل مصري ڊراما نشر ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. پاڪستاني سفير کي احمد المسلماني ”محفوظ اسٽوڊيو“ جي دوري دوران ”اسٽار آف دي ايسٽ“ ام ڪلثوم جي نغمن جو البم به پيش ڪيو جنهن کي اٿارٽي سان واڳيل قاهره وائيس ڪمپني تيار ڪيو آهي. پاڪستاني سفير نيل ۽ اهرام ٻنهي جي اسٽوڊيو نظاري جي ساراهه ڪئي. هن مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن، امن ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ مصري رياست جي ڪردار کي به ساراهيو.