اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيڊريشن انٽرنيشنل دي هاڪي (ايف آءِ ايچ) نيشنز ڪپ جي سيمي فائنل مئچ ۾ فرانس جي خلاف فتح تي پاڪستاني هاڪي ٽيم کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد ئي اسان هاڪيءَ جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ کي ساراهيو. هن پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي ايف آءِ ايچ نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ پهچ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته قومي هاڪيءَ ٽيم پوري ٽورنامينٽ دوران شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، قومي ٽيم وري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ دل کٽي ورتي. هن دعا ڪئي ته پاڪستاني هاڪيءَ ٽيم فائنل مئچ ۾ پڻ فتح ماڻي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي اسان هاڪيءَ جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين.