نئين دهلي – 20 جون (اي پي پي) ايئر انڊيا چيو آهي ته ڀارت ۾ گذريل هفتي حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ اڏام کان اڳ ڪا خرابي نه هئي ۽ جهاز سٺي حالت ۾ هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر انڊيا بيان ۾ چيو ته جهاز کي جون 2023ع ۾ چيڪ ڪيو ويو هو ۽ اهو سٺي حالت ۾ هو. جهاز جي ساڄي پاسي واري انجڻ مارچ ۽ کاٻي پاسي واري انجڻ اپريل 2025ع ۾ مرمت ڪئي وئي هئي، انجڻ ۽ جهاز کي باقاعدگي سان چيڪ ڪيو ويندو هو ۽ اڏام کان اڳ ان ۾ ڪو مسئلو نه هو. ايئر انڊيا چيو ته اڏام ۾ 169 ڀارتي مسافر، 53 برطانوي، 7 پرتگالي ۽ هڪ ڪينيڊين کان علاوه عملي جا 12 ملازم سوار هئا، اڏام جي قيادت ڪيپٽن سوميت سڀروال ڪري رهيو هو جيڪو هڪ انتهائي تجربيڪار پائيلٽ ۽ ٽرينر هو جنهن 10 هزار ڪلاڪن کان وڌيڪ جهاز اڏايو هو. جاچ ٽيمون جهاز جي بليڪ باڪس مان ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن پر ايئرلائن جو چوڻ آهي ته حادثي کان اڳ جهاز ۾ ڪا خرابي نه هئي. ڀارتي سول ايوي ايشن اٿارٽي چيو آهي ته ايئر انڊيا جي ڊريم لائنز جي حادثي کانپوءِ شروعاتي جاچ ۾ حفاظتي خدشن جو انڪشاف ناهي ٿيو. صحت واري وزير رشي ڪيش پٽيل چيو ته گذريل ڏينهن تائين ڊي اين اي ٽيسٽنگ ذريعي 210 متاثرن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.