جنيوا-19 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ندا النشيف اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڌرين کي فوري طور ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪائونسل ۾ ايران بابت هڪ سيشن دوران خطاب ڪندي ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو ته هو ميزائل حملن جي ڏي وٺ کي ختم ڪرڻ ۽ پرامن حل ڳولڻ لاءِ فوري طور سفارتي سطح تي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي صورتحال تي گهري نظر آهي، هن وڏي پئماني تي هدايتن کانپوءِ هزارين شهرين جي تهران کي ڇڏڻ جي رپورٽن کي نوٽ ڪيو ۽ تازين انگن اکرن جو حوالو ڏنو جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هن وقت تائين ايران ۾ 200 کان وڌيڪ ۽ اسرائيل ۾ 24 ڄڻا مارجي چڪا آهن، گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڌرين کان عالمي قانونن جي مڪمل پابندي خاص طور ڳتيل علائقن ۾ شهرين جي تحفظ ۽ شهري انفرا اسٽرڪچر تي حملن کان بچڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن سمورن بااثر اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو ڳالهين کي ترجيح ڏين.