اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف صدر جي اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو جڏهن ته هڪ سامونڊي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. بحريه جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسرز جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران نيول چيف صدر کي علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر کي پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين، معرڪه حق دوران پاڪ بحريه جي حڪمت عملي ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي ڪامياب دفاع تي پاڪ بحريه کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پوري قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي ۽ اها ان جي پيشيواراڻي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد رکي ٿي. صدر ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ پاڪ بحريه جي وقت سر ۽ موثر ردعمل، اڻٿڪ عزم ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر ميري ٽائيم ڊومين ۾ درپيش اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ بحريه الله جي فضل سان ڀلي امن هجي يا جنگ ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ هر وقت تيار آهي.