اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري صبا صادق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات کي انتهائي اهم ۽ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان کي الله تعاليٰ تمام گهڻي عزت سان نوازيو آهي، الله تعاليٰ جي رحمت کانپوءِ اسان جي قيادت ۽ پاڪ فوج جو جيڪو ڪردار آهي ان کي پوري دنيا تمام گهڻي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي، ڀارت جي جارحيت جي خلاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ جهڙي طرح پاڪ فوج پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ وزيراعظم موثر سفارتڪاري ڪئي ان جي واکاڻ پوري دنيا ڪري رهي آهي، خاص طور تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ملاقات تمام گهڻي اهميت واري رهي، پاڪستان ۽ اسان جي فوج جو وقار بلند ٿيو، اهو اسان سڀني جي لاءِ فخر جو سبب آهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته تازي ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دانشمنداڻي حڪمت عملي جي ڪري دشمن جا ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جو مورال بلند ٿيو آهي ۽ ڀارت جو خطي ۾ هڪ وڏي طاقت جو خواب چڪناچور ٿي ويو آهي، اهو سڀ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي موثر حڪمت عملي ۽ انهن جي دانشمنداڻي فيصلن جو نتيجو آهي.

غزه جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سموريون مسلم ۽ غيرمسلم رياستون به غزه ۾ جاري ظلمن تي احتجاج ڪري رهيون آهن، اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست آهي ۽ نيتن ياهو دهشتگردن جو سربراهه آهي جنهن يو اين جي قراردادن جي پڻ پرواهه نه ڪندي اسڪولن، اسپتالن ۽ پناهگاهن تي حملا جاري رکيا آهن جن جي نتيجي ۾ اسان جون ڀينرون، ڀائر، بزرگ ۽ ٻار ناحق شهيد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته او آءِ سي، غيرسرڪاري تنظيمن سميت عالمي برادري کي گڏجي اسرائيل جي ڏاڍ کي روڪڻو پوندو. گذريل ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ٻن ڇوڪرين جي قتل جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي ۽ ان حوالي سان اسلام آباد پوليس ۽ ايجنسيون ان ڪيس تي ڪم ڪري رهيون آهن، ايمان قتل ڪيس ۾ جيڪو جوابدار هو اهو پوليس جي حراست ۾ آهي ۽ ان کان وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عدالتي ڪارروائي ۾ ان ڪيس جي حوالي سان مضبوط دليل ڏنا ويندا ته جيئن جوابدار کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڀلي ثنا يوسف هجي يا ايمان آئون سمجهان ٿي ته اهڙا واقعا اڳتي نه ٿين، ان جي روڪٿام جي لاءِ ان تي ڪم ڪري رهي آهيان. هن چيو ته عورتن جي پرائيويٽ هاسٽلز جي حوالي سان ايس او پيز ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن انهن جي ٻارن جي سيڪيورٽي جي لاءِ اتي پورو بندوبست هجي، اتي هڪ اهڙو منظم نظام هجي جنهن کي انتظاميا ۽ حڪومت گڏجي ڏسن ته جيئن اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو ٻيهر ڪنهن پرائيويٽ هاسٽلز ۾ نه ٿي سگهي. بجيٽ جي حوالي سان هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عوام کي ريليف ڏنو وڃي ۽ صحت، تعليم جي سهولتن سميت عوام جي بنيادي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي رکي وئي آهي.