اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ آف دي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ترجمان ۽ انفارميشن ڪميونيڪيشن بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل هو زامنگ جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفد سان گڏ هوشيا وڊونگ، فان شي ليان ۽ لي زيشو به موجود هئا. اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جي سفارتڪار جن ۾ ڊپٽي چيف آف مشن شي يو آن چيانگ ۽ اتاشي زانگ ڊوو شامل هئا. ملاقات جو مقصد چين – پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻي مرحلي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا، فنون ۽ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار جي نون امڪانن کي ڳولڻ هو. هي ملاقات سي پيڪ سينٽر ۾ ٿي، ان جو محور جولاءِ ۾ ٿيندڙ 14 هين جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (جي سي سي) اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺڻ به هو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان جي نوجوانن ۾ تنقيدي سوچ ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ چين جي ترقي کي مثال طور پيش ڪيو جنهن عوامي اعتماد کي قومي ترقياتي هدفن سان هم آهنگ ڪيو. هن چين جي مسلسل حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو ته عوامي رابطا ۽ ميڊيا جي مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. احسن اقبال چيو ته ايندڙ جي سي سي اجلاس سي پيڪ جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو، جنهن لاءِ ورڪنگ گروپس جي سطح تي تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ثقافتي معاملن سميت تخليقي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ صحافين ۽ ڊجيٽل مواد تخليق ڪندڙن وچ ۾ مٽاسٽا پروگرام ۽ چيني مواد کي انگريزي ۾ ڊب ڪري مقبول اوٽ پليٽ فارمز تان نشر ڪرڻ شامل هو ته جيئن پاڪستاني نوجوان چين جي سماج ۽ سي پيڪ جي ترقي کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ صحافين ۽ سوشل ميڊيا تي بااثر ماڻهن لاءِ هڪ ڊجيٽل ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي کي بهتر طور سمجهي سگهي ۽ سي پيڪ بابت غلط فهمين جو ازالو ڪري سگهجي. ان موقعي تي پلاننگ ڪميشن جي ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن بابت ميمبر آمنه ڪمال ان تجويز جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته انگريزي ۽ اردو ۾ ڊب ٿيندڙ چيني مواد کي ڊجيٽل اسٽريمنگ پليٽ فارمز ذريعي وڏي پئماني تي دستياب بڻايو وڃي ته جيئن نوجوان ناظرين وڌيڪ موثر انداز ۾ ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال اعليٰ سطحي چيني وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو.