بيجنگ-19 جون (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن وچ ۾ ڪالهه ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب روس جي صدر ولادي مير پيوٽن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي روس جي موقف کان آگاهه ڪندي چيو ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيل جا حملا انتهائي خطرناڪ آهن، تڪرار کي وڌائڻ ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي ۽ ايراني ايٽمي مسئلي کي ڳالهين ۽ مشاورت سان حل ڪرڻ گهرجي، موجوده صورتحال تيزي سان ڇڪتاڻ طرف وڌي رهي آهي ۽ روس چين سان ويجهي رابطي کي برقرار رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ علائقائي امن، استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل طور مثبت ڪوششن لاءِ تيار آهي، شي جن پنگ چين جي اصولي موقف جي وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن تڪرار وڌيڪ وڌي ٿو ته نه رڳو ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو ته پر علائقائي ملڪن کي به تمام گهڻو نقصان پهچندو. شي جن پنگ موجوده صورتحال جي روشني ۾ چار تجويزون پيش ڪيون. پهرين نمبر تي جنگ بندي کي هٿي ڏئي، جنگ کي روڪڻ اڻٽر آهي، تڪرار جي ڌرين، خاص طور تي اسرائيل کي جلد کان جلد فائر بندي ڪرڻ گهرجي ته جيئن صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان روڪي سگهجي ۽ جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، ٻيو شهرين کي حفاظت پهرين ترجيح آهي، تڪراري ڌرين کي عالمي قانونن جي سختي سان پابندي ڪرڻ گهرجي، معصوم شهرين کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي واپسي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن.