اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ايران جي خلاف اسرائيل جي بنا جواز ۽ ناجائز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي حملا ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن، گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ايراني عوام سان پرعزم يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ واضح طور تي اشتعال انگيزي جي مذمت ڪري ٿو جيڪا پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر جي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي ۽ جنهن جا سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اهي عالمي قانون جي پاسداري ڪن، ان جارحيت کي فوري طور تي روڪين ۽ جارحيت ڪندڙ کي ان جي اعمال جو جوابده قرار ڏين. ترجمان چيو ته تيزي سان بدلجندڙ علائقائي اڳڀرائي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ غيرمعمولي اضافي خاص طور تي ايران جي خلاف اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت جي ڏس ۾ الجزائر، بحرين، برونائي درالسلام، چاڊ، ڪوموروس، جبوتي، مصر، عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، موريطانيه، پاڪستان، قطر، سعودي عرب، صوماليه، سوڊان، ترڪيه، اومان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏيل بيان ۾ اسلامي جمهوريه ايران تي اسرائيل جي حملن ۽ ڪي به اهڙن قدمن کي جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي ڪن ٿا، جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزيرن رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام سان گڏوگڏ سٺي پاڙيسريت جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ جي لازمي ضرورت آهي جيڪا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران سامهون آئي آهي. ان خطرناڪ ڇڪتاڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان سان پوري خطي جي امن ۽ استحڪام تي سنگين نتيجا نڪرڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته هڪ جامع جنگبندي ۽ امن جي بحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزيرن چيو ته ائٽمي هٿيارن ۽ وڏي پئماني تي تباهي جي ٻين هٿيارن کان پاڪ وچ اوڀر جي علائقي جي قيام جي فوري ضرورت آهي، جيڪو لاڳاپيل عالمي قراردادن موجب خطي جي سمورين رياستن تي بنا ڪنهن ڇوٽ جي لاڳو هجي، نيز وچ اوڀر جي سمورن ملڪن کي ائٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ (اين پي ٽي) جي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي فوري ضرورت آهي. ترجمان چيو ته عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي لاڳاپيل قراردادن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن موجب ائٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇو ته اهڙيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون بشمول 1949ع جي جنيوا ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهن. هن گڏيل بيان ۾ چيو ته ايراني ائٽمي پروگرام جي حوالي سان پائيدار معاهدي تائين پهچڻ جو واحد قابل عمل ذريعي جي طور تي ڳالهه ٻولهه جي رستي تي تيزي سان واپسي جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي قانون جي لاڳاپيل قاعدن موجب عالمي پاڻي گذرگاهن ۾ نيويگيشن جي آزادي جي تحفظ جي اهميت ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل بيان موجب سفارتڪاري، ڳالهه ٻولهه ۽ سٺي پاڙيسريت جي اصولن جي پاسداري، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب خطي ۾ بحرانن جي حل جو واحد قابل عمل رستو آهي ۽ اهو ته فوجي ذريعا جاري بحران جو پائيدار حل نه ٿا آڻي سگهن. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان، مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي، گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته انهن اڳوڻن خراب ٿيندڙ علائقائي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، انهن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايران تي اسرائيل جي بنا جواز حملن سان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرن کي اجاگر ڪيو. انهن اڳواڻن ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران فلسطيني عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ جاري امداد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. هن اسرائيل پاران انساني حقن جي واضح خلاف ورزين جي نتيجي ۾ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ فلسطيني شاگردن کي تعليمي مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ هنيل پابندين جي مذمت ڪندي چيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪشميرين کي سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ناليواري ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي پڻ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، هي مسلسل ستون سال هو جڏهن انهن جاين تي عيد جي نماز جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته واضح طور تي اهو جابراڻو قدم ڀارتي عملدرارن جي هٺ ڌرمي جو هڪ ٻيو مثال آهي ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن ڀارتي عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جو احترام ڪن ۽ انهن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو خودمختياري جو حق ڏين جنهن جو واعد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڪيو ويو آهي.