اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي شعبي کي درپيش چئلينجز تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه ۽ بجلي ۽ ناڻي وارين وزارتن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران نائب وزيراعظم پائيداري جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ شعبي ۾ اعتماد بحال ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ باقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تيز ۽ ٺوس ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ، شفافيت کي وڌائڻ ۽ سمورين ڌرين جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.