اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان جعلي دوائن جي ڪڌي ڪاروبار جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اعليٰ معيار جي طبي تعليم تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه قطعي طور تي قبول نه آهي، سڄي پاڪستان ۾ عوام جي لاءِ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي صحت واري وزارت جي معاملن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي لاءِ قدمن تي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي متحرڪ قيادت ۾ صحت واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته سڄي پاڪستان ۾ عوام جي لاءِ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ فلاحي ادارن ۽ نجي شعبي سان حصيداري جي حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم پاڪستاني فارما ڪمپنين جي صحت جي عالمي سان ايڪريڊيٽيشن ڪرائڻ جي حوصلا افزائي جي هدايت ڪندي چيو ته صحت جي عالمي اداري جي ايڪريڊيٽيشن ڪرائڻ سان پاڪستاني دوائن جو معيار بهتر ٿي سگهندو ۽ انهن دوائن کي برآمد ڪرڻ جا موقعا وڌندا. وزيراعظم ملڪ ۾ جعلي دوائن جي ڪڌي ڪاروبار جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو ته اعليٰ معيار جي طبي تعليم تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه قطعي طور تي قبول نه آهي. وزيراعظم پاڪستاني ميڊيڪل ڪاليجز ۾ معياري تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪاليجز جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جو جامع جائزو ورتو وڃي، صحت جي شعبي ۾ سڌارا لاڳو ڪرڻ جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي صحت جي شعبي جي ترقي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ انهن جي پائيدار حل جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دوائن ۽ طبي اوزارن جي رجسٽريشن جي پوري مرحلي کي ايندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين مڪمل طور تي ڊيجيٽائيزڊ ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته طبي اوزارن ۽ دوائن جي رجسٽريشن جي وقت کي هڪ سال کان گهٽ ڪري ٽن مهينن تائين آندو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ نئين قائم ٿيل بيسڪ هيلٿ يونٽس، ريجنل بلڊ سينٽر ۽ آئيسوليشن هاسپٽل اينڊ انفيڪشن ٽريٽمنٽ سينٽر (آءِ ايڇ آءِ ٽي سي) کي سرنديءَ وارن جي تعاون سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ منصوبابندي تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.