اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 51هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 ۽ 22 جون تي منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جو دورو ڪندو. اجلاس دوران نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي انتظامن ۽ وچ اوڀر جي صورتحال، ايران ۽ ٻين علائقائي رياستن جي خلاف اسرائيل جي تازي جارحيت کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. بيان موجب نائب وزيراعظم عالمي برادري تي پڻ زور ڏيندو ته اها اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻي ۽ وڌندڙ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلين سميت ٻين موجوده عالمي چئلينجن کي فوري طور تي منهن ڏي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي مقصدن ۽ اصولن ۽ مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندو. ان موقعي تي اسحاق ڊار او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ هو جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ”او آءِ سي يوٿ فورم گرينڊ يوٿ ايوارڊ“ ڏيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.