اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اوورسيز پاڪستانيز وارن سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪئي. وفد ترقياتي بجيٽ، تڪبندين بابت خدشن ۽ وسيع تر سياسي معاملن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم جامع ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي خدشن کي تعاون ۽ گڏيل افهام تفهيم جي جذبي سان ختم ڪيو ويندو.