بيجنگ-19 جون (اي پي پي) چين چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور بااثر ملڪن کي اسرائيل ايران تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب چيني پرڏيهي وزارت جي روزاني جي پريس ڪانفرنس ۾ بلومبرگ جي رپورٽ جي حوالي سان ايران تي امڪاني آمريڪي حملن بابت سوال تي چيني ترجمان گوجيان کون چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ڇڪتاڻ واري ۽ حساس آهي ۽ بي قابو ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. چين ڪنهن به اهڙن قدمن جي مخالفت ڪري ٿو جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي ڪندڙ هجن ۽ ٻين ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي خلاف ورزي ڪندڙ هجن. چين عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال يا ڌمڪي جي مخالفت ڪري ٿو. عالمي برادري خاص طور تي بااثر ملڪن کي غيرجانبدارڻو موقف ۽ ذميوارڻو رويو اختيار ڪرڻ گهجي ته جيئن جنگ بندي، ڳالهين طرف واپسي لاءِ حالتون پيدا ڪري سگهجن ۽ علائقائي صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ ڪنهن وڏي تباهي کان روڪي سگهجي.