نيويارڪ – 19 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ڳڻتي جو سبب آهي، ٻئي ملڪ ان جنگ کي عالمي بڻائڻ کان پاسو ڪن، خدشن جي خاتمي لاءِ سفارتڪاري ئي بهترين رستو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ خاص طور تي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، ٻئي ڌريون ان تڪرار کي ايترو نه وڌائين ته اها عالمي سطح تائين پهچي وڃي. سندس چوڻ هو ته ان جنگ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوجي مداخلت جا نتيجا سڄي خطي ۽ عالمي سطح تي سنگين ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جنگ دوران فوتگين، زخمين، گهرن ۽ اهم شهري بنيادي ڍانچي کي پهتل بنا جواز ۽ المناڪ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي سلامتي جي مسئلن بابت خدشن جي خاتمي لاءِ سفارتڪاري ئي بهترين ۽ واحد رستو آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جو چارٽر انسانيت کي جنگ کان بچائڻ جو گڏيل فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو ۽ سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو ان چارٽر، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪن.