اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان سامونڊي تعاون کي هٿي ڏيڻ، بليو اڪانومي، گرين شپنگ ۽ وچ ايشيا کي عربي سمنڊ سان جوڙيندڙ واپاري ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي. اها اڳڀرائي وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير وچ ۾ اعليٰ سطحي ملاقات ۾ سامهون آئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين سامونڊي رابطن کي مستحڪم ڪري گڏيل اقتصادي، ترقي، علائقائي رابطن ۽ سمنڊ تي ٻڌل صنعتن ذريعي پائيدار خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير ازبڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي جهڙن بندرگاهي شهرن کان عالمي منڊين تائين گهٽ لاڳت، موثر پهچ ڏيڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن ازبڪستان کي روڊن جي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ گوادر پورٽ سان ڳنڍڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هي واپاري لحاظ کان موثر ۽ عالمي پائيداري جي هدفن سان هم آهنگ آهي. ملاقات ۾ بليو اڪانومي جي اهم شعبن جهڙوڪ فشريز، آبي زراعت، سامونڊي خوراڪ جي تياري، سامونڊي سياحت ۾ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو ويو جنهن سان نار، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي مارڪيٽن ۾ بهتر ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير تجويز پيش ڪئي ته ازبڪستان ۽ قازقستان جي خشڪ بندرگاهن کي پاڪستان جي سامونڊي بندرگاهن سان روڊ ۽ ريل نيٽ ورڪ سان ڳنڍي هڪ واپاري راهداري قائم ڪئي وڃي، هي منصوبو 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي واپار جا دروازا کولي سگهي ٿو ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي سامونڊي معيشت ۾ موثر شرڪت جو موقعو فراهم ڪندو. ملاقات ۾ جامع لاجسٽڪ حل، بانڊڊ ويئر هائوسز، ملٽي موڊل ٽرانسپورٽ سسٽم ۽ سمارٽ پورٽ انفرا اسٽرڪچر جهڙن موضوعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جنيد انوار چوڌري ازبڪستان کي پاڪستان جي بندرگاهي صنعت، جهاز سازي ۽ تجديد جوڳي سامونڊي توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ازبڪ سفير خاص طور تي فشريز ۽ سامونڊي خوراڪ جي شعبي ۾ گڏيل منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ازبڪ واپار لاءِ پاڪستان ۾ اف ڊاڪ ٽرمينل مخصوص ڪرڻ جي دعوت به پيش ڪئي. سفير وزير کي آگاهه ڪيو ته ازبڪ واپارين جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جلد ڪراچي جو دورو ڪندو، جتي هو بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر، خاص طور ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ جي سرگرمين جو جائزو وٺندو ته جيئن ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي.