اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ايران، عراق، شام ۽ لبنان ۾ پنهنجي شهرين جي لاءِ ٽريول ايڊوائيزري جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مشورو ڏنو وڃي ٿو ته اهي اسلامي جمهوريه ايران، جمهوريه عراق، جمهوريه لبنان ۽ عرب جمهوريه شام جو سفر ان وقت تائين نه ڪن جيستائين صورتحال بهتر نه ٿي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊوائيزري ۾ چيو ويو آهي ته انهن ملڪن ۾ رهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اهي انتهائي احتياط سان ڪم وٺن، هوشيار رهن، غيرضروري چرپر کان پاسو ڪن ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل سفارتخانن پاران فراهم ڪيل رابطي نمبرن تي باقاعده رابطو رکن. ايران ۾ پاڪستاني مشنز جا هنگامي رابطا هي آهن، تهران + 98-21-66-9413-88/89/90/91 (لينڊ لائين)، + 98 -21-66-9448-88/90 (لينڊن لائين، + 98 9100 607 658 (موبائيل)، زاهدان +98 54 33 22 3389 (لينڊ لائين)، + 98 99129 45346 (موبائيل)، مشهد +98 910 762 5302 (موبائيل). عراق ۾ پاڪستاني سفارتخاني بغداد مان سيل/ واٽس ايپ: +964 (0) 7839800899، + 98 (0) 7834950182، +964 (0) 783495311، اي ميل: ([email protected], (mailto:[email protected]) تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني بيروت سان رابطي جي لاءِ سيل/ واٽس ايپ: +961-81669488، +961-81815104، اي ميل: ([email protected], (mailto:[email protected]) اهي نمبر استعمال ڪن. شام ۾ پاڪستاني سفارتخاني دمشق سان سيل/ واٽس ايپ: +963983538186، لينڊ لائين: +963116132696، اي ميل: ([email protected], (mailto:[email protected]) تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.