اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ هڪ سنگ ميل آهي، ان سان پاڪ ڀارت تڪرار جي عالمي حيثيت ٻيهر اجاگر ٿي آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي ايڪس تي پوسٽ ۾ هن چيو ته ان کان پهرين آمريڪي صدر جي پاڪستاني آرمي چيف جي دعوت ۽ ملاقات جو مثال ناهي، هي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 78 سالن جي تاريخ جو سڀ کان اهم موڙ آهي، هن ملاقات ۾ جهڙي طرح عالمي ۽ خطي جا معاملا بحث هيٺ آيا ان سان ملڪ جي اهميت اجاگر ٿي. پاڪستان معاملن کي حل ڪرڻ ۾ جهڙي طرح مدد ڪري سگهي ٿو ان اهميت کي تسليم ڪيو ويو. پاڪ ڀارت تڪرارن جي عالمي حيثيت ٻيهر اجاگر ٿي آهي. بچاءُ واري وزير چيو ته معيشت جي بحالي، هندستان جي شڪست، آمريڪا سان لاڳاپا عزت ڀريو ۽ نهايت ڪامياب ٿي آهي، هي سموريون انقلابي تبديليون وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي سهڪار سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي بهترين تعلق سبب ممڪن ٿي سگهيون، الله تعاليٰ اسان سڀني کي ذاتي ۽ گروهي، مفادن کان مٿانهون ٿي قوم جي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏي.