اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بجيٽ کي حقيقي معنائن ۾ عوامي ۽ وفاقي هجڻ گهرجي، ملڪ جي پٺتي پيل ۽ غريب عوام تائين وسيلن جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي آصفه ڀٽو زرداري وطن جو بچاءُ ڪندڙ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته مشڪل حالتن ۾ بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي پاڪستان جي شاندار نموني نمائندگي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ تاريخ ۾ مشڪل صورتحال پيش آئي ته ملڪ جي هر عورت، ٻار ۽ جوان وطن جي دفاع لاءِ اڳتي ايندا. هن چيو ته ملڪ جو بجيٽ مالياتي معاملن بابت هوندو آهي، ملڪ ۾ غريب ماڻهو ۽ غريب طبقا مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهن کين زندگي جون بنيادي ضرورتون دستياب ناهن،44 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن. هن چيو ته قومي ايمرجنسي تحت اسان کي تعليم جي بجيٽ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته سولر پينلز تي ٽيڪس جو ڪو جواز نٿو بڻجي، وڏي شرم سان اها ڳالهه چوڻي پئجي رهي آهي ته 2025ع ۾ ملڪ جو اڪثر حصو بجلي کان محروم آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو سوشل سيڪٽر پروگرام آهي. حڪومت طرفان ان ۾ 21 سيڪڙو واڌ ساراهه جوڳي آهي، ملڪ جون عورتون آبادي جو اڌ حصو آهن. عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ حقيقي ڪوششن جي ضرورت آهي، هن چيو ته ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي، خاص طور سنڌ کي ان سلسلي ۾ شديد مشڪلاتون سامهون آهن. هن چيو ته 21 لک گهر ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. ماڻهن جو بي پناهه جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، بجيٽ حقيقي معنائن ۾ عوامي ۽ وفاقي هجڻ گهرجي.