اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي کنڊ جي قيمتن ۽ سپلاءِ جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، ايف بي آر، ايف آءِ اي، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سينيئر عملدارن کانسواءِ پي ايس ايم اي ۽ صوبائي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪميٽي 250000 ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد جي پاليسي منظوري جي لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 500000 ميٽرڪ ٽن ريفائنڊ کنڊ جي درآمد جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ان تي اي سي سي جي ذريعي ڪارروائي ڪئي وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صارفين ۽ پروڊيوسرز ٻنهي جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سستي قيمتن تي ضروري شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.