اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس ربيرا، انوارالحق چوڌري، محمد شهباز بابر، احمد عتيق انور ۽ راڻا ارادت شريف جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ پبلڪ افيئرز وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، پاور ڊويزن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو، وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.