بيونس آئرس – 20 جون (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) چيو آهي ته 13 جون تي جڏهن اسرائيل ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي شروعات ڪئي ته ان وقت تائين ايران ايٽم بم نه پيو ٺاهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي هڪ پرڏيهي اخبار کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته جڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، ان وقت تائين ايران ايٽمي هٿيار نه پئي ٺاهيا. اسرائيلي حملي وقت ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت ان جو جواب انڪار ۾ آهي، پر ايٽمي هٿيارن ڏانهن ايران جي اڳڀرائي جي حوالي سان ڪيترائي عنصر موجود آهن. ٻئي پاسي ايران آءِ اي اي اي تي الزام لڳايو آهي ته هو ايران جي ايٽمي پروگرام بابت حقيقتن کي لڪائي رهيو آهي. اهو الزام آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي جي ان بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي ته آءِ اي اي اي وٽ ايران طرفان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي منظم ڪوشش جو ڪو ثبوت ناهي. واضح رهي ته آءِ اي اي اي گذريل هفتي 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو ايران کي پنهنجي ايٽمي ذميوارين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو هو.