اسلام آباد-20 جون (اي پي پي)قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. جمع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جاري رهيو ۽ مختلف پارٽين جي ميمبرن بجيٽ جي مختلف پاسن تي ڳالهايو، بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.