مظفرآباد-20 جون (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وچ ۾ ٿيل تاريخي ملاقات خطي جي جاگرافيائي صورتحال جي حوالي سان انتهائي اهميت واري آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات سان پاڪستان جي وقار ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ دنيا جي نظرن ۾ پاڪستان جي اهميت اجاگر ٿي آهي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات سان پاڪستان خطي جو هڪ مضبوط ملڪ طور اڀريو آهي ۽ آمريڪي انتظاميه هاڻي پاڪستان کي ان حيثيت سان ڏسڻ لڳي آهي ته هو ڏکڻ ايشيا جو هڪ اهم ملڪ آهي. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جو اعتراف ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان سندس ويجهو اتحادي آهي، جڏهن ته پاڪستاني قوم به دل کولي ان جي ساراهه ڪئي آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وچ ۾ تازي ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملندي ڇاڪاڻ ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سان خطي جو امن متاثر ٿي رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ کيس ڪشميرين کي انهن جو خود اراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، جنهن جو واعدو گڏيل قومن به ڪري رکيو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي نه ئي خطي ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو.