اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان بيلجيئم جي سفير ايڊس بالڊوان ڊرگراخت ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلجيئم وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين طرفان قانون، انساني حقن ۽ حڪمراني جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ هاڻوڪي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير آگاهه ڪيو ته ملڪ ۾ انساني حقن بابت ڀڃڪڙين ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ اداره جاتي رد عمل ۾ بهتري ڏٺي پئي وڃي. انساني حقن واري وزارت لاڳاپيل کاتن ۽ حصيدار سان گڏجي قانوني خدشن کي مضبوط بڻائڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ موثر طريقي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي. وفاقي وزير هاڻوڪي قانوني سڌارن تي روشني وجهندي ٻڌايو ته عام شهرين کي انصاف تائين موثر رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ فوجداري ضابطي (CrPC) ۾ 110 کان وڌيڪ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي سڌارا حڪومت جي قانوني نظام کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ جامع شموليتي حڪمراني جي عزم جي عڪاسي آهن. وفاقي وزير سفير کي ويجهڙ ۾ لاڳو ڪيل اسلام آباد ڪيپٽل ٽيريٽري چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025ع جي باري ۾ به آگاهه ڪيو جنهن تحت ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي شادي جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال مقرر ڪئي وئي آهي، اهو قانون ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگي طرف هڪ اهم قدم آهي، ٻين صوبن ۾ به اهڙن قانونن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن گلوبل جيڊر گيپ رپورٽ 2025ع جي نتيجن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته هن رپورٽ ۾ پيش ڪيل ڊيٽا زميني حقيقتن جي درست عڪاسي نٿي ڪري، جنهن جا بنيادي سبب طريقيڪار جون خاميون ۽ انگ اکر جمع ڪرڻ ۾ موجود خال شامل آهن. ان سلسلي ۾ وزارت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز، تحقيقي ادارن ۽ ترقياتي حصيدارن سان مشاورت جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن قومي سطح تي ڊيٽا جي فرق کي ختم ڪري سگهجي، آئنده رپورٽنگ کي جامع، تصديقي ۽ اڳڀرائي سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته موت جي سزا بابت پاليسي ۾ امڪاني تبديلي تي پارليامينٽ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي جنهن تحت مخصوص ڏوهن ۾ موت جي سزا ئي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي بل تي غور ڪيو پيو وڃي. هي قدم قومي قانونن کي عالمي انساني حقن جي اڀرندڙ اصولن سان هم آهنگ ڪرڻ جي رياستي سنجيدگي جو ثبوت آهي. بيلجيئم جي سفير پاڪستان ۾ جاري قانوني ۽ اداره جاتي سڌارن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ويجهڙ ۾ لاڳو ڪيل نيشنل ڪميشن فار مينارٽي رائيٽس ايڪٽ 2025ع جي آجيان ڪئي جيڪو مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ بااختيار خودمختيار اداري جي قيام جي راهه هموار ڪري ٿو. هن پاڪستان جي جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ڪمزور طبقن جي تحفظ ۽ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ جي ڪيل ڪوششن ۾ بيلجيئم جي مسلسل حمايت جي خاطري ڪرائي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن، خاص ڪري انساني حقن، قانوني ترقي ۽ جامع پاليسي سڌارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.