اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڀرتي بابت اشتهار کي رد ڪندي ان کي ڪوڙو، من گهڙت ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ واضح ڪيو وڃي ٿو ته ان اشتهار جو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان ڪو به تعلق ناهي، عوام کي گذارش ڪئي وڃي ٿي ته هو اهڙن ڪوڙن اشتهارن کي نظرانداز ڪن. عوام کي گذارش آهي ته ڪنهن به ڀرتي بابت اطلاع کي تصديقي ذريعن کان تصديق کانپوءِ ئي ڀروسي جوڳو سمجهيو وڃي ته جيئن ان قسم جي ڪوڙن ۽ بي بنياد معلومات جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهجي، قومي اسيمبلي بابت سرڪاري اطلاعن ۽ اعلان لاءِ قومي اسيمبلي جي سرڪاري ويب سائيٽ www.na.gov.pk ڏٺي وڃي.