اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان کي ٽيليفون ڪري آمريڪا طرفان ايران تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪي حملو آءِ اي اي اي جي قانون ۽ ٻين عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ايران جي صدر کي منجهند ٽيليفون ڪيو ۽ پاڪستان طرفان آمريڪي حملن جيڪي گذريل 8 دوران اسرائيل جي بنا سبب اڳرائي کانپوءِ ڪيا، ان جي مذمت ڪئي، هن ڀائر ايراني عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي پختي يڪجهتي جي عزم کي ورجائيندي قيمتي جانين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم خدشن جو اظهار ڪيو ته آمريڪي حملن ۾ انهن اثاثن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ( آءِ اي اي اي) جي نگراني ۾ هيون. اهي حملا آءِ اي اِي اي جي قانون ۽ ٻين عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران جي بچاءُ واري حق جو ذڪر ڪندي وزيراعظم امن لاءِ فوري ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو اڳتي وڌڻ جو اڪيلو عمل جوڳو رستو آهي. وزيراعظم ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوري اجتماعي ڪوششن تي به زور ڀريو ۽ ان روشني ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. صدر پيز شڪيان ايران لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هن ايران جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم، حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام سميت هٿياربند فوجي قيادت جو دلي طور ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن هن نازڪ مرحلي تي مسلمان امت وچ ۾ اتحاد قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.