اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سومر تي صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندو . اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث سهيڙيندو. ڀارتي جارحيت کان عالمي برادري کي آگاه ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف پاران پرڏيهي ملڪن ڏانهن موڪليل وفد جو سربراه بلاول ڀٽو زرداري ايوان کي پنهنجي دوري کان آگاه ڪندو. جڏهن ته اجلاس دوران ايندڙ بجيٽ 2025-26 جي ضروري خرچن تي بحث ڪيو ويندو.