اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان مضبوط عالمي لاڳاپا رکڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، چين پاڪستان جو مخلص اتحادي آهي، جنهن سان واسطو سمنڊن جيان گهرو ۽ لازوال آهي ۽ اهو ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو آهي ته چين سان پاڪستان جي دوستي جون پاڙون گڏيل اعتماد ۽ احترام جي بنياد تي قائم آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت جي ڪسوٽي تي هميشه پورو لهن ٿا ۽ گڏيل مفادن سميت اقتصادي سهڪار ۽ مضبوط سفارتي لاڳاپن تي قائم آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح تي اهميت جي حامل آهي پر ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ اتحاد ۽ سهڪار جي احساس کي هٿي ڏئي ٿي. قيصر احمد شيخ، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي دعوت ڏيڻ تي آمريڪا جي به ساراهه ڪئي ۽ ان کي هڪ اهم سفارتي اشارو قرار ڏنو. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ان دوري جو بنيادي سبب خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي. هن تڪرار کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عالمي اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۾ اسان جو ڪردار انتهائي اهم ٿي ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان مختلف ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي، سفارتي لاڳاپن ۽ سهڪار کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هن، خطي ۾ امن لاءِ ايران ۽ اسرائيل جي ڳالهين جي ميز تي اچڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڀريو.