اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) پاڪستان ايران جي ائٽمي اثاثن تي آمريڪي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان کي خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي امڪاني خدشي تي سخت ڳڻتي آهي . اسان ان ڳالهه جو عزم ڪيون ٿا ته اهي حملا عالمي قانون جي سمورن اصولن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جو جائز حق حاصل آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران خلاف جارحيت سبب ڇڪتاڻ ۾ غير معمولي اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي . ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي سان خطي ۽ ان جي ٻاهر شديد نقصان جو خطرو آهي. ترجمان چيو ته اسان شهري جانين ۽ ملڪيتن جي احترام ۽ تڪرار کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لازمي ضرورت تي زور ڀريون ٿا.سمورين ڌرين کي عالمي قانون خاص طور تي عالمي انساني قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن مطابق ڳالهيون ۽ سفارتڪاري جو سهارو خطي جي بحرانن کي حل ڪرڻ جو واحد عمل جوڳو رستو آهي.