رياض-22 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي فضائي ڪمپني السعوديه جي اڏام ايس وي 5688 جيڪا حاجي سڳورن کي واپس انڊونيشيا کڻي وڃي رهي هئي ۾ بم جي اطلاع سبب ان جو رخ موڙيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جده ۽ انڊونيشيا ويندڙ السعوديه جي اڏام کي مسقط ۾ اسٽاپ اوور کانپوءِ انڊونيشيا جي ٻيٽ سورابايا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻو هو. ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف سول ايوي ايشن ٻڌايو ته انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولز کي هڪ ڪال ملي هئي جنهن ۾ جهاز ۾ بم جي ڌمڪي کان خبردار ڪيو ويو. بم جي اطلاع تي جهاز جو رخ اتر سماٽرا ۾ ڪوالانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن موڙيو ويو. ريجنل ايئرپورٽ اٿارٽي جي سربراهه هڪ بيان ۾ چيو ته اختياريون جهاز جو معائنو ڪري رهيون آهن، پر ايئرپورٽ مڪمل طور تي آپريشنل آهي. سماٽرا پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته سمورا 376 مسافر ۽ عملي جا 13 ميمبر خيريت سان آهن. مسافرن کي سندن منزل تائين پهچايو ويندو.