برسلز – 21 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2024ع ۾ غزه کان ڪانگو تائين تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ ٻارن خلاف تشدد جو مثال نٿو ملي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي رپورٽ مطابق 2024ع ۾ ڇڪتاڻ وارين حالتن دوران ٻارن خلاف تشدد غير معمولي سطح تائين پهچي ويو. 2023ع جي ڀيٽ ۾ سنگين ڀڃڪڙين جي انگ ۾ حيرت انگيز طور تي 25 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ 2024ع ۾ ٻارن خلاف 41 هزار 370 سنگين ڀڃڪڙين جي تصديق ڪئي وئي آهي، انهن مان 36 هزار 221 ڀڃڪڙيون 2024ع ۾ جڏهن ته پنج هزار 149 ان کان اڳ جي عرصي ۾ رپورٽ ٿيون هيون پر ان جي تصديق 2024ع ۾ ڪئي وئي. 30 سال اڳ مانيٽرنگ ٽول قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو هن وقت تائين جو سڀني کان وڏو انگ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 هزار 500 کان وڌيڪ ٻار فوت جڏهن ته 7 هزار زخمي ٿي چڪا آهن، تڪرارن ۾ ٻارن کي انڌاڌند حملن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.