اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت، انساني وقار ۽ عورتن جي حقن لاءِ ناقابل فراموش جدوجهد ڪئي، سندس قربانيون، ويزن ۽ عوام سان وابستگي پيپلزپارٽي جي اجتماعي ميراث آهي، اسان شهيد بي بي جي ويزن کان رهنمائي وٺندي جمهوريت کي مستحڪم ڪنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي قومي خدمتن ۽ عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر مملڪت چيو ته شهيد بينظر ڀٽو جمهوريت، انساني وقار ۽ عورتن جي حقن لاءِ ناقابل فراموش جدوجهد ڪئي. صدر مملڪت چيو ته شهيد بي بي آمريت خلاف جرئت ۽ استقامت سان مزاحمت ڪئي، صدر چيو ته شهيد بي بي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪن جي قيادت ڪئي، شهيد بي بي قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي تي مڪمل يقين رکندي هئي. صدر مملڪت چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جون قربانيون، ويزن ۽ عوان سان وابستگي پيپلز پارٽي جي اجتماعي ميراث آهي. صدر مملڪت چيو ته شهيد بي بي عورتن جي سماجي ۽ معاشي خدمختياري جي علمبردار آهي. صدر مملڪت چيو ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن مان رهنمائي وٺندي جمهوريت کي مستحڪم ڪنداسين. صدر مملڪت چيو ته شهيد بي بي پٺ تي پيل طبقن ۽ اقليتن جو آواز ۽ هڪ پرامن، خوشحال پاڪستان جي خواهشمند هئي، شهيد بي بي جي اصولن تي عمل ڪندي هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين. صدر مملڪت چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو فڪر اڄ به هڪ منصفاڻي ۽ جمهوري معاشري لاءِ مشعل راهه آهي.