اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوابي ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي. هن واقعي جي جاچ ۽ ذميوارن جو پتو لڳائي کين سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوليس جا آفيسر ۽ جوان دهشتگردي جي جنگ ۾ وطن عزيز کي ان ناسور کان مڪمل پاڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت سموري قوم کي دهشتگردن جي وطن عزيز لاءِ ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندڙ پنهنجن پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي فخر آهي.