استنبول – 21 جون (اي پي پي) سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 51 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق او آءِ سي وزارتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ترڪيه ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جا ميمبر ملڪ گهڻ رخي قدمن، خطي جي صورتحال، ان جي علائقائي ۽ عالمي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. او آءِ سي جو اجلاس هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ آهي، اميد آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اهم جاگرافيائي چيلنجن کي منهن ڏيندا ۽ اهم معاملن تي او آءِ سي جي اجتماعي موقف جو ورجاءُ ڪيو ويندو.