واشنگٽن – 21 جون (اي پي پي) آمريڪا ايران جي 8 ادارن، هڪ سامونڊي جهاز ۽ هڪ شخص تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرمپ انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته ان ايران بابت نيون پابنديون جاري ڪيون آهن جن ۾ 8 ادارن، هڪ سامونڊي جهاز ۽ هڪ شخص کي ايران جي دفاعي صنعت کي حساس سامان فراهم ڪرڻ ۾ مبينا ڪردار سبب نشانو بڻايو ويو آهي. ٽريزري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته آمريڪا، ايران طرفان ايٽمي استععمال جي حساس ٽيڪنالاجي، اوزار ۽ مشينري جي خريداري جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي، هي اها ٽيڪنالاجي آهي جيڪا حڪومت جي بيلسٽڪ ميزائل، پائلٽ کانسواءِ فضائي گاڏي (يو اي وي) ۽ هٿيارن جي پروگرامن کي سپورٽ ڪري ٿي.