اسلام آباد-21 جون (اي پي پي)پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگرهه ڇنڇر 21 جون تي ملهائي وئي. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ريڊيو سوشل/ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري ۽ ترقي پسند رياست ٺاهڻ لاءِ سندس ڪوششن کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. شهيد اڳواڻ پيپيلز پارٽي جي نظرياتي اڳواڻ هئي جنهن انتهائي وفاداري ۽ خلوص سان پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ آمريت ۽ دهشتگردي جو مقابلو بهادري سان ڪيو .شهيد راڻي جو نصب العين پنهنجي والد جي ترقي پسند پاڪستان جي مشن کي جاري رکڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ سميت عورتن کي بااختيار بڻائڻ رهيو . هن پٺتي پيل طبقي لاءِ هڪ مهربان اڳواڻ طور شهرت حاصل ڪئي . پهريون ڀيرو هوءَ 1988ع کان 1990ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1993ع کان 1996ع تائين پاڪستان جي 11 هين وزيراعظم رهي. 2007ع ۾ شايع ٿيل سندس ڪتاب ”مفاهمت : اسلام ، جمهوريت ۽ اولهه “ تي هن کي قومي ۽ عالمي اعزازات سان نوازيو ويو. شهيد عظيم اڳواڻ جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ٻين سياسي ۽ سماجي حلقن جي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ کيس زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو .