اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته ناليواري ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل تي پوري قوم ڏکويل آهي، ثنا يوسف جو قتل ٽيسٽ ڪيس هجڻ گهرجي ته جيئن اڳتي ڪو به اهڙو ڏوهه ڪرڻ جي همت نه ڪري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گهرو وزير ان واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، جوابدار کي سخت سزا ڏني ويندي، ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ قانوني ٽيم جوڙي ويندي. اهڙو اظهار هن ناليواري ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي رهائشگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته ثناءُ يوسف جي قتل تي پوري قوم ڏکويل آهي، هي واقعو هڪ ٽيسٽ ڪيس هجڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير ثنا يوسف جي قتل جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانوني طور ڪيس کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن جوابدار کي سخت سزا ڏئي سگهجي. هن چيو ته پوليس پنهنجي مهارت ۽ بهترين جاچ سان ڪجهه ڪلاڪن ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پراسيڪيوشن جي عمل ۾ ڪو جهول نه رهي ۽ ڪيس کي قانوني طور مضبوط بڻايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته عدالت ۾ پيشي دوران اهي چهرا نظر نه آيا جيڪي سوشل ميڊيا تي مقتوله ثنا يوسف سان فوٽو سيشن ڪرائيندا هئا يا اڄ ان جي قتل تي پوسٽون رکي رهيا آهن. هن چيو ته انهن ماڻهن کي گهرجي ته اهي عدالتي ڪارروائي ۾ به گڏ بيهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جا وڪيل متاثر خاندان کي قانوني مدد فراهم ڪندا ۽ ڪيس تي لاڳيتو اڳڀرائي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته گهڻو ڪري ڪيس پراڻو ٿي وڃي ٿو ته ڌيان هٽي ويندو آهي پر اسان ان ڪيس تان ڌيان هٽڻ نه ڏينداسين ۽ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ قانوني ٽيڪ جوڙي ويندي ته جيئن جوابدار کي سخت سزا ڏئي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو استعمال انتهائي ذميواري سان ڪرڻ گهرجي. جتي هي فورمز مثبت مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا اتي ان جو ناڪاري استعمال معاشري کي نقصان پهچائي رهيو آهي. نياڻين کي حراسان، بليڪ ميلنگ ۽ تشدد جهڙن مسئلن کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته نياڻين جي تحفظ لاءِ باقاعده فورم قائم ڪرڻ جي به ضرورت آهي ته جيئن عورتن ۽ نياڻين کي محفوظ ماحول فراهم ڪري سگهجي. ان کان اڳ وفاقي وزير مقتوله ثنا يوسف جي ڪٽنب سان ملاقات ۽ ثنا يوسف جي قتل تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مرحومه ثنا يوسف جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا پڻ ڪئي.