ملتان-21 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سالگرهه جي موقعي تي ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ايران تي اسرائيلي حملي خلاف مذمتي قراردادن جو مقصد به علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ آهي، گڏيل قومن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ اسلامي ملڪن کي هن جنگ جي خاتمي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن جو چوڻ هو ته امن جي حوالي سان دنيا اسان جي ڪوششن جي هميشه ساراهه ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ۽ عالمي سلامتي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران اسان جي فوج اهو ثابت ڪيو ته هو دنيا جي بهترين فوج آهي ۽ دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ هن ڏکڻ پنجاب لاءِ بي شمار ترقياتي ڪم ڪيا، ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ جيتري ڪوشش پيپلزپارٽي ڪئي ڪنهن ٻي نه ڪئي، سرائيڪي خطي جي مسئلن جي حل لاءِ ڌار صوبو ضروري آهي، جنهن لاءِ اسان منظم طريقي سان تحريڪ هلائينداسين ته جيئن هتي غربت جو خاتمو اچي سگهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته اهڙي قدآور شخصيت جيڪڏهن اڄ هجي ها ته موجوده بحرانن جو خاتمو ٿي وڃي ها، هن چيو ته بي بي شهيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ليڊر هئا، هنن غريبن، هارين، مزدورن ۽ پورهيتن لاءِ جدوجهد ڪئي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن 1987ع کان بي بي شهيد سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ڪيسن کي منهن ڏنو، پر بي بي شهيد سان گڏ بيٺل رهيو، بعد ۾ يوسف رضا گيلاني پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خواجه رضوان عالم ۽ رائو ساجد علي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو.